احمد محمد قاضي

احمد محمد قاضي: سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ۽ سياستدان 3- نومبر 1916ع تي ڏيپلي شهر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو . هو شهر ڏيپلي جو اوائلي چوٿون نمبر مئٽريڪيوليٽ ، ٻيو نمبر گريجوئيٽ ۽ پهريون ايڊووڪيٽ آهي . هن ايم . اي ۽ ايل . ايل . بي بمبئي مان ڪئي . ايم . ايڊ سنڌ مان ۽ ڊپلوما انٽرنيشنل لا لنڊن مان پاس ڪيو . هو 1945ع ۾ پهريائين سياست ۾ آيو ۽ صوبائي اسيمبلي ٿر جي سيٽ تي ارباب توڳاچي جي خلاف اليڪشن وڙهيو پر هار کاڌائين . پوءِ 1953ع ۾ تعلقو ڏيپلو ۽ مٺي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ بنا مقابلي چونڊيو ويو . هو 1961ع کان 1970ع تائين يونين ڪائونسل ڏيپلي جو چيئرمين رهيو . شهر ۾ ڊرينيج سسٽم ، زير زمين ناليون ، گهٽين ۾ پڪو فرش ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ، سندس ڪوششن جو نتيجو آهن . 1961ع کان پنج سال ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر ۽ پوءِ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهيو . پاڻ علامه آءِ. آءِ. قاضي جي شاگردن مان هڪ هو. علامه قاضي صاحب جاڪيترا خط سندس نالي لکيل آهن. احمد محمد قاضي 1 سيپٽمبر 2008ع تي وفات ڪئي.


لفظ احمد محمد قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.11.03  عيسوي

احمد محمد قاضي: سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان ۽ سياستدان 3- نومبر 1916ع تي ڏيپلي شهر ۾ قاضي مولوي محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو .


2008.09.01  عيسوي

احمد محمد قاضي 1 سيپٽمبر 2008ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻيڙو فقير ڪنڀار
بيگم عبدالله هارون
خفيف I
شاهه بهارو
الهه آندو شاهه
جان محمد عباسي مولانا
ٽانوري خالق ڏنو وڪيل
ايسر سنگهه بيدي
فقير محمد جعفري
پير سومرو2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون